راز شيخ عبدالرزاق

راز شيخ عبدالرزاق

راز شيخ عبدالرزاق

’راز‘ شيخ عبدالرزاق: نامور شاعر ۽ اديب شيخ عبدالرزاق ’راز‘ ولد شيخ منشي عبدالرؤف، جنوري 1919ع ۾ ڄائو. سندس وڏن 1857ع ۾ جنگ آزاديءَ جي زماني ۾ بکر مان لڏي اچي سکر پراڻيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. راز علمي ۽ ادبي ماحول ۾ اک کولي. سندس وڏا بـکـر ۾ مڪتب ۾ درس ڏيـندا هئا. سندس پڙ ڏاڏو ملان عبـدالله بـکـر جي مـڪـتـب ۾ مـعلم مقرر هو ۽ سندس ڏاڏو حبيب الله ’حبيب‘ ابتدا ۾
ماستر، بعد ۾ هيڊماستر ۽ شهر جي اسڪولن جو هيڊماستر ٿي رهيو. هو شعر به چوندو هو ۽ ان وقت جي وڏن عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جو صحبتي هو، جن مان سخي قبول محمد، مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ همايوني، هزهائينس مير علي نواز ’ناز‘، مخدوم قاضي بدرالدين سيوهاڻي، ميان علي نواز علوي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مخدوم غلام حيدر (هالا) ۽ مرحوم نور محمد وڪيل قابل ذڪر آهن. هن 1937ع ۾ وفات ڪئي.
’راز‘ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي. ليڪن ثانوي تعليم جو سندس آخري دؤر عليڳڙهه ۽ لاهور ۾ گذريو. مئٽرڪ جي سـنَد پنجـاب يونيـورسٽـيءَ مـان ورتائيـن. اعـليٰ تعليـم جـا ڇهه سال ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ گذاريائين. ان کانپوءِ ساڳئي ڪاليج ۾ ايم. اي پرشن ۾ داخلا ورتائين، پر مڪمل ڪري نه سگھيو. سندس استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سدا رنگاڻي ’خادم‘ جهڙا اديب، عالم ۽ تعليمي ماهر هئا. نئين ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ سندس ڪوشش سان ڪاليج ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، پروفيسر ڊي. ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا ۽ ارجن شاد وغيره حصو ورتو. شيخ راز انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ سرڪل جو سرپرست ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هو.
ڪاليج جي زندگيءَ کانپوءِ شيخ راز 1947ع ۾ ’الوحيداخبار ڪراچيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. سندس ڪوشش سان ’الوحيد‘ جي هفتيوار علمي ۽ ادبي ايڊيشن جو اجراءُ ٿيو، جنهن جو هو انچارج ايڊيٽر رهيو. 1947ع ۾ ئي ڪجھه عرصو هن پنجاب ۽ ڪشمير جي سير سياحت ڪئي ۽ انساني خون جي هوليءَ جا منظر پنهنجين اکين سان ڏٺا. آخر الوحيد جي نوڪريءَ کي خيرباد چئي سکر موٽي آيو ۽ 1948ع جي وچ ڌاري سکر ميونسپالٽيءَ جو چيف آفيسر مقرر ٿيو. حڪومت سنڌ جي سياست جي بار بار تبديليءَ سبب ’راز‘ صاحب کي ٻه ڀيرا نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻو پيو، هو آخري دفعو حالتن جي مدنظر 1958ع ۾ ستن سالن جي ملازمت کانپوءِ استعيفا ڏنائين. هن جيترو وقت به نوڪري ڪئي، باهمت، با اصول، ديانتدار ۽ شهر جو خدمتگار ٿي ملازمت ڪئي. چيف آفيسري ڇڏڻ کانپوءِ هو اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌي ۽ اسلامي تاريخ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هو خود اسلاميه ڪاليج جي بانين مان هو. انهيءَ ڪري هن کي ٻي ملازمت کان اسلاميه ڪاليج جي خدمت ڪرڻ وڌيڪ بهتر نظر آئي، جلد ئي هن اسلامي تاريخ ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪجھه وقت کانپوءِ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هو ڪافي وقت هيڊماستر ۽ اسلاميه ڪاليج سکر جو پرفيسر ٿي رهيو، جتي 10 سال ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ساٿي ٿي رهيو. هنن گڏجي ادبي محفلون مچايون، ادبي معرڪا سر ڪيا ۽ ادبي سلسلا هلايا. 1970ع ڌاري اسلاميه ڪاليج سکر جي پروفيسري ڇڏي، موسوي صاحبن جي اصرار تي ’عطا حسين شاهه ڪاليج روهڙيءَ‘ جو ڪجھه وقت پرنسپال ٿي رهيو. 1962ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين، 1964ع ۾ بي. ٽي به ڪيائين. ٿورو وقت روهڙيءَ جي ڪاليج ۾ پرنسپال ٿي رهڻ کانپوءِ اها ملازمت ڇڏي ڏنائين، ڇاڪاڻ جو ايترو ٻوجھه برداشت نه ٿي ڪري سگھيو. پويون وقت فقط ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ٿي رهيو، جتان 1979ع ۾ رٽائر ڪيائين. ان کانپوءِ بلڪل گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاريائين. پويون وقت ڏاڍو بيمار رهيو ۽ تمام ڪمزور ٿي ويو هو ۽ 2 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪيائين. پويان ڪوبه اولاد نه ڇڏيائين.
شيخ عبدالرزاق ’راز‘ جا دوست ٿورا هئا، پر انهن سان بيحد محـبـت ڪندو هو، سکر ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان سـواءِ شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه، ميان پير محمد پيرزادو، ميان عبدالغني، شيخ اياز، حـافـظ خيـر محمد اوحـدي، آفـاق صـديـقـي، ڊاڪــٽر نواز علي شوق، حسن ميان ۽ الحاج محمد احمد (اڳوڻو پرنسپال اسلاميه ڪاليج سکر) سندس گهرا دوست هئا. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا، جهڙوڪ: ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني آگرو، شيخ عبدالحليم ’جوش‘، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ آغا سليم وغيره. راز صاحب تصنيف، تاليف ۽ شعر شاعريءَ کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوشش سان 9،8،7 اپريل 1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ’ڪل پاڪستان سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس‘ منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي بلند پايه اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وقت بوقت سندس ڪوشش سان سکر ۾ ڪيترا ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پئماني تي مشاعرا ٿيا. هو پاڪستان رائيٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان پنهنجو ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ’حبيب پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ڪتاب ڇپيا، جهڙوڪ: سندس پنهنجا ڪتاب ’ڊاڪ بنگلو‘ (ڪهاڻيون)، ’سارنگ‘ ۽ ’فاتح سنڌ‘ ڪريم بخش خالد جو ’سنڌي صحافت‘، شيخ اياز جو ’پنهل کانپوءِ‘ (ڪهاڻيون)، بشير مورياڻيءَ جو ’اصنام خيالي‘ (ڪهاڻيون)، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ’گل ۽ مکڙيون‘ وغيره. 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ’شاهه لطيف يادگار ڪاميٽي‘ قائم ٿي، جنهن جي اهتمام هيٺ اعليٰ پئماني تي ’شاهه لطيف ڪانفرنس‘ منعقد ٿي ۽ ڪجھه ڪتاب به ڇپيا، جن ۾: شيخ اياز جو ’سانگي ڪي ساريام‘ ۽ آفاق صديقيءَ جو اردو ڪتاب ’عڪس لطيف‘ شامل آهن.
شيخ راز باڪمال شاعر، بلند پايه نقاد ۽ منفرد افسانه نويس هو. هو ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين جو پابند رهيو. هو سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين: گوبند مالهي، سوڀي گيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جي سٿ مان هو.
راز پهريون جديد شاعر هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن سنڌي زبان ۾ جديد آزاد نظم لکيو. 1946ع ۾ سندس پهريون شعر شيخ اياز جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ’اڳتي قدم‘ ۾ ڇپيو. ’راز‘ صحيح معنيٰ ۾ جديد شاعر ۽ اديب هو، جدت ۽ انفراديت سندس فن جون خاص خوبيون هيون، هو روايت جو باغي نه هو، پر روايت کي جامد شيءِ به نه سمجھندو هو. سندس نظر ۾ روايت هڪ سلسلو آهي، جيڪو وقت جي ڌارا ۾ وهندو. انهيءَ ڪري هو روايت جو قدر ڪندي، پنهنجي فن ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪندو هو. هو حسن ۽ عشق جو شاعر به هو ته معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي به نظر انداز نه ڪندو هو. هو غزل جو شاعر به هو ته آزاد نظم، گيت، بيت ۽ وائيءَ جو به. سڀني صنفن ۾ سندس مخصوص رنگ موجود آهي، جنهن ۾ جماليات جو عنصر غالب آهي، پر غزل سان هن جو قرب وڌيڪ هو. سندس شعر جا مجموعا: (1) سارنگ، (2) پيهي منجھه پاتال، (3) سڄڻ سفر هليا، (4) ڌڙڪنين (اردو) ۽ (5) غزل سان شايع ٿيا. شاعر هجڻ سان گڏ راز صاحب سٺو نثر نويس به هو، هن افسانا به لکيا ته ناول ۽ ڊراما به لکيائين ته خاڪا به. ان کانسواءِ هن مختلف موضوعن تي ڪيترا مضمون، تنقيدي ۽ تحقيقي مقالا، سفرناما ۽ تاريخي ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
(1) ڊاڪ بنگلو (افسانن جو مجموعو)، (2) فاتح سنڌ (تاريخي ڊرامو)، (3) نئون آدمي (ناول)، (4) سانگي ڪي ساريام (خاڪن جو مجموعو)، (5) تنقيد ۽ تجزيو (تنقيدي مقالن جو مجموعو)، (6) سنڌي غزل جو تجزيو (سنڌي غزل جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو)، (7) تاريخ سلطنت دهلي (تاريخ، (8) شرح سر يمن ڪلياڻ، (9) شرح ڪلام گرهوڙي، (10) شرح ديوان گل.
راز صاحب سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به شعر، مضمون ۽ ڪتاب پڻ لکيا. انگريزيءَ ۾ سندس سکر شهر جي تاريخ ۽ ثقافت بابت هڪ ڪتاب ‘Sukkur-Past & Present’ ڇپجي چڪو آهي. شاهه لطيف جي رومانوي داستانن بابت اردوءَ ۾ سندس ڪتاب ’ماروي ڪي ديس ۾‘ ڇپيو، سندس اردو شاعريءَ جو مجموعو ’ڌڙڪنين‘ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.12.02  عيسوي

’راز‘ شيخ عبدالرزاق 2 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور علي شاهه
اقبال علامه ڊاڪٽر
تابش بخاري
ارشاد عباسي
سڪندر خان کوسو
خطائي ٿيٻو
زاهد شيخ
غلام مصطفي سولنگي 1
اسلم علوي اسلم
حاجي مريد مهيري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون